پيرراڻو ڀنڀرو

پيراڻو ڀنڀرو : پيراڻو ڀنڀرو ضلعي سانگھڙ تعلقي کپري جو ويٺل مشهور ڏاهو شخص ٿي گذريو آهي. پاڻ شاهه عبداللطيف جو همعصر هو. سنڌ جي سگھڙ ڪچهريءَ ۾ پيراڻي ڀنڀري جا بيت مشهور آهن. اهي ظاهري طرح مزاحيه، لڳن ٿا، پر باطني معنيٰ نفس سان جنگ ۽ خدا پرستيءَ ڏانهن سمايل اٿن. پاڻ ذات جو ڀنڀرو هو، انڪري سندس بيتن تي نالو ئي پيراڻي ڀنڀري جابيت پئجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو